تاريخ گوئي

تاريخ گوئي: علم بديع جي اصطلاح ۾ تاريخ گوئي، انهيءَ نظم کي چئبو آهي، جنهن جي ڪنهن لفظ يا جملي يا مصرع مان، ابجد وارن حرفن جي حساب ذريعي ڪنهن واقعي (جھڙوڪ رحلت، پيدائش، شادي، تعمير ۽ تصنيف) بابت سال يا سن نڪري اچي. مطلب ته لفظ يا جملي يا پوري مصرع جي عددن مان، سن يا سال نڪري. ابجد واري حساب تي حرفن جا عدد مقرر ڪيل آهن، جي هيٺين ريت آهن:ا ب ج د هه و ز ح ط ي
1 2 3 4 5 6 7 8 9 10
ڪ ل م ن س ع ف ص ق ر
20 30 40 50 60 70 80 90 100 200
ش ت ث خ ذ ض ظ غ
300 400 500 600 700 800 900 1000
مٿي ڏنل حرفن کانسواءِ ٻيا ڪيترائي حرف سنڌي زبان ۾ رائج آهن، جن جو تفصيل هيٺ ڏجي ٿو. مثلاً: ٻ، پ، ڀ، 2 عدد ’ب‘ وانگر.ٽ، ٺ، ٿ، 400 عدد ’ت‘ وانگر.چ، ڃ، ڇ، جھه، 3 عدد ’ج‘ وانگر.ڌ، ڏ، ڊ، ڍ، 4 عدد ’د‘ وانگر.ڙ، ز (فارسي زبان واري) 200 عدد ’ر‘ وانگر.ک، گ، ڳ، ڱ، گهه، 20 عدد ’ڪ‘ وانگر.ڦ 80 عدد ’ف‘ وانگر.ڻ 50 عدد ’ن‘ وانگرغايت جمل: جمل جي ذريعي انگن جو ڪم حرفن کان ورتو وڃي ٿو. ڪنهن واقعي تي (جهڙوڪ پيدائش، شادي ۽ موت وغيره) ڪجهه اهڙن لفظن کي جمع ڪجي، جنهن جا مجموعي انگ، واقعي جي سن برابر هجن، جنهن کي ”مادهء تاريخ“ چئبو آهي. صوري: يعني ڪنهن واقعي جي تاريخ صاف صاف لفظن ۾ عدد شمار ڪرڻ ۾ چئي وڃي، تنهن کي ”صوري تاريخ“ چئجي ٿو.عيسوي تاريخ صوري لئي ٻڌمٻن هزارن پنج جو ڪر انتخاب 2005ع(’ٻه هزار‘ پنج، کي انگن ۾ لکڻ سان 2005ع گھربل سال حاصل ٿيندو)معنوي: ڪنهن واقعي جي تاريخ حرفن، يا لفظن جي مجموعي مان ابجد ذريعي حاصل ٿيڻ کي ”تاريخ معنوي“ چئبو آهي.مثلاً: لطف سان حق جي ڇپي ظاهر ٿيو ”زيبده منظور رب“ سيفي ڪتاب 1426 هه (” “) (ڪامائن) ۾ آيل لفظن ”زيبده منظور رب“ جي هر هڪ حرف جا ابجدي انگ جمع ڪرڻ سان گھربل سن حاصل ٿيندو).تاريخ مفرد: يعني ڪنهن هڪ حرف جي عدد جمل مان تاريخ نڪري، جھڙوڪ: عنبر حبشي تي مير علي مراد خان ٽالپر ڪاوڙيو، جنهن تي شاعر هيٺ ڏنل تاريخ چئي:”حائي“ حبشي جا عدد بس اَٺ وٺيٽي دفعا اڌ اڌ ڪري سي ڪم ڪريو”ح“ جا عدد اٺ آهن، ان کي اڌ ڪبو ته 4 عدد ٿيندا، وري ان کي اڌ ڪبو ته 2 عدد ٿيندا، وري ٽيون دفعو ان کي اڌ ڪبو ته 1 عدد ٿيندو. هاڻي انهن چئني انگن کي هڪ سٽ ۾ لکبو ته سا ل ”1248“هجري نڪرندو.


لفظ تاريخ گوئيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو